SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي اڀياس


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي اڀياس

International Studies

انٽرنيشنل اسٽڊيز

هيءُ اصطلاح يونيورسٽي سطح تي پڙهائي ويندڙ اُنهن مضمونن ۽ ڊگرين لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن ذريعي بين الاقوامي سطح تي سياسي، معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ ٻين اهم معاملن بابت تفصيلي ڄاڻ ۽ سکيا حاصل ٿئي ٿي. سولي نموني چئبو ته هن اصطلاح ذريعي عالمي سماجن، ثقافتن، ٻولين ، حُڪومتي سرشتن ۽ انهن سڀني رُخن جي هڪٻئي سان لاڳاپن جي نتيجي ۾ موجود دُنيا جي هاڻوڪي حالت ۽ تاريخي پسمنظرن کي سمجهي سگهجي ٿو. اصل ۾ بين الاقوامي تعلقات ۽ بين الاقوامي اڀياسن جا تصور هڪٻئي سان تمام گهڻا لاڳاپيل آهن، پر بين الاقوامي تعلقات جو موضوع دُنيا جي قومن ۽ ادارن جي هڪٻئي سان لاڳاپن جي مطالعي تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو. جڏهن ته بين الاقوامي اڀياسن کي عالمي سطح تي موجود هر معاملي کي پنهنجي بحث جي دائري ۾ آڻي ٿو. هن عُنوان تحت 1959ع ۾ محققن جي هڪ گروپ ”بين الاقوامي اڀياس جي ائسوسئيشن“ (ISA) جو بُنياد آمريڪا ۾ وڌو، جنهن ۾ ٽن هزارن جي لڳ ڀڳ دُنيا جي عالمن ميمبر شپ ورتي. هن مهل اهوادارو پنهنجي رسالن سميت، اهم تحقيقي ڪمن ۾ مصروف آهي. بين الاقوامي اڀياسن بابت دُنيا جي اهم تعليمي ادارن ۾ ڌار ڌار شعبا قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي انتهائي اعليٰ درجي تائين هن ڏس ۾ تعليم ۽ تحقيق ۾ مصروف آهن. انهن سرگرمين تحت دُنيا ۾ مُختلف ملڪن جي پاليسين، اُنهن جي بين الاقوامي سماج تي اثرن ۽ ڪاميابين، ناڪامين ۽ سببن تي ويچار ڪري دُنيا جي آئيندي بابت غور ويچار ڪيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ دُنيا کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺڻ، انهن کي اعتماد سان مُنهن ڏيڻ سميت، محدود قومپرستيءَ واري لاڙي کي بين الاقوامي امن پسند روين ۾ تبديل ڪرڻ تي توجهه ڏني وڃي ٿي


Remember Me Also:

زمين اٿلي پوڻ

ڪجهه به ٿي پوڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal